بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (1)
الله تعالى تي ڀروسي ڪرڻ ۽ ان جي مدد ۽ برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ هر اهميت واري ڪم جي شروعات ۾ بسم الله چوڻ جي هن ۾ تعليم آهي. ۽ حديث شريف ۾ انهيءَ جي واضح ترغيب آئي آهي. بسم الله قرآن پاڪ جي مستقل آيت آهي. ڪنهن سورت جو حصو نه آهي. اها سورتن جي شروع ڪرڻ لاءِ نازل ٿي آهي. ان ۾ الله تعالى ٻانهن کي تعليم ڏني آهي ته هيئن چئي شروع ڪريو. ان ڪري منڍ ۾ ڏنل حضرت امروٽيءَ واري معنيٰ ڪجي ته به صحيح آهي ۽ ”شروع ڪريان ٿو“ معنى ڪجي ته به صحيح آهي. بسم الله جي روحاني ۽ جسماني نفعن بابت ڪافي حديثون آيون آهن. مولانا عبدالحق حقاني فرمايو آهي.“ جن لفظن جو عالم برزخ يا عالم مثال ۾ ڪوئي نه ڪوئي اهڙو اثر ٿيندو آهي جهڙو دوائن جو اثر محسوس ٿيندو آهي انهن مان بسم الله به آهي جنهن سان برڪت جو نازل ٿيڻ ۽ شيطان ۽ خبيث مخلوق جي اثر کان محفوظ رهڻ وغيره ٿئي ٿو.